ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ

ٽکڙائي، سيد ميران محمد شاھ: سيد ميران محمد شاهه عالم، طبيب، شاعر ۽ ماهر هو. ابتدائي ڄمار ٽکڙ جي شهر ۾ پنهنجن ڳوٺ وارن آخوندن ۽ عالمن کان علم جي تحصيل ڪيائين ۽ علم طب ۾ تمام وڏي مهارت حاصل ڪيائين، آخري ڄمار ۾ پنهنجي ذهانت ۽ ذڪاوت سبب انگريزي ضرورت مطابق سندس فارسي ڪلام ان وقت جي مقبول شاعرن ۾ بيحد مقبول هو، ڪجهه قطعات تاريخ سندس شاعراڻي بلنديءَ جي دلالت ڪن ٿا.
انگريزن جي اوائلي راڄ ۾ جڏهن سنڌي زبان کي مرتب پئي ڪيو ويو ته ان وقت جن عالمن پنهنجي وطني ٻوليءَ جي الف- ب جي نئين سر جوڙجڪ ۾ حصو ورتو، تن مان سيد ميران محمد شاھه به هڪ هو، ان زماني جي ڪمشنر سنڌ سر بارٽل فريئر جي استدعا تي هن هڪ ڪهاڻي لکي، جا ”سدا توري ۽ ڪڌا توري“ جي نالي سان ڇپجي تيار ٿي. شاھ صاحب 1287ھه/ 1870ع ۾ حرمين شريف جي زيارت جو سفر ڪيو. حج تي وڃڻ کان اڳ ۾ پنهنجي شاگردن ۽ اولاد لاءِ علم طب ۾ هڪ رسالو يادگار طور ڇڏيائين، جنهن ۾ گھڻو ڪري سندس مجربات ڏنل آهن ۽ ان رسالي جي آخر ۾ مفردات طب جو به بيان ڪيل آهي.
شاھه صاحب، خواجه عبدالقيوم مجدديءَ (متوفي:1271ھه/1854ع) کان نقشبندي طريقي ۾ بيعت ورتي هئي. پنهنجي مرشد زادي حضرت خواجه عبدالرحمان مجددي (متوفي: 1215ھه/ 1897ع) سان وڏي محبت هئس. خواجه عبدالرحمان مجددي 1880ع ۾ قنڌار مان هجرت ڪري جڏهن حرمين شريفين جي زيارت جي ارادي سان وطن مان روانو ٿيو ۽ سيد صاحب کي اها سڌ پهتي تڏهن سيد صاحب پنهنجي ڳوٺ ٽکڙ مان ٽي سؤ ميل پنڌ ڪري ڀاڳ ناڙيءَ ۾ وڃي سندس استقبال ڪيو. سندس ڪوشش سان ئي خواجه عبدالرحمان مجددي حرمين کان واپس اچي ٽکڙ ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وفات ڪئي. هن سومر ڏينهن جمادي الاول 1209ھه/ 1891ع ۾ نمونيا جي بيماريءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1891.00.00  عيسوي

سيد ميران محمد شاهه سومر ڏينهن جمادي الاول 1209ھه/ 1891ع ۾ نمونيا جي بيماريءَ ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

’خاڪي‘ سيد احمد شاهه
صهبا لکنوي
سليمان ڪورائي فقير
ڀٽو محمد يوسف
آثم ناٿن شاهي
غلام رسول برهماڻي
مير علي نواز خان ٽالپر
روحل فقير
ساجد سنڌي
خطائي ٿيٻو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون